حيدرآباد مقابلي ۾ ماريل راشد ملاح جي وارثن طرفان پوليس جو موقف رد، عدالت سان رابطو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان راشد ملاح مارجي وڃڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻيل آهي, پوليس جي موقف کي نوجوان جي وارثن رد ڪندي پوليس مٿان نوجوان کي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو آهي, سوشل ميڊيا تي وڏي تعداد ۾ ماڻهن شڪي مقابلي ۾  جوابدار پاران پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪرڻ تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته پوليس جڙتو پوليس مقابلن جي ڪري سدائين تنقيد جو نشانو بڻجندي رهي آهي پر نوجوان راشد ملاح جي موت وارو واقعو پوليس جي مبينا مقابلي تي ڪيترائي سوال اٿاري رهيو آهي. مارجي ويل نوجوان جا وارث انصاف جي لاءِ عدالت ۾ پهچي ويا، وارثن پاران نوجوان راشد ملاح کي مارڻ خلاف عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست تي عدالت پوليس عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 27 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آھي، ان سلسلي ۾ نوجوان راشد ملاح جي ڀيڻ شمس بي بي پنھنجي وڪيل معرفت ايٽٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو آھي ته راشد ملاح کي سجاول مان ايس ايس پي حيدرآباد جي چوڻ تي پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪري هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ کڻي وڃي قتل ڪري پوليس سان ڪوڙو مقابلو ڄاڻايو آھي، حيدرآباد پوليس پنهنجي پريس رليز ۾ ڪوڙ ڄاڻايو ته راشد ملاح پمپ مالڪ راحيل ميمڻ جي قتل ۾ ملوث هو، جنهن جو پوليس مقابلو ٿيو آهي ان مقابلي دوران راشد پاڻ کي گوليون هڻي خودڪشي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته راشد ملاح ۽ پمپ مالڪ راحيل ميمڻ جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ هو، پوليس راشد ملاح کي راحيل ميمڻ جي قتل ۾ ملوث ڄاڻائي سجاول مان رات دير سان گرفتار ڪري کڻي اچي هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڪوڙو مقابلو ڄاڻايو آهي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته راشد ملاح جي خاندان جا 7 ڀاتي پوليس غائب ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ ڀيڻ فريده ان جو پٽ نعمان، مريم، شينا ۽ ان جا معصوم ٻار، راشد جي گهر واري حنا شامل آھن، وڪيل چيو ته حيدرآباد پوليس ڪيترن ئي بيگناھ ماڻھن کي فل ۽ ھاف فرائي ڪيو آھي، ايس ايس پي سميت حيدرآباد پوليس شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ڏينھن ڏٺي جو ڦرون ٿي رھيون آھن، صرف خانا پوري ڪرڻ لاءِ بيگناھ ماڻھن کي فل ۽ ھاف فرائي ڪيو پيو وڃي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست  ۾ ڌر ڄاڻايل ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد، ايس ايڇ او هٽڙي، ايس ايڇ او پنڃاري ۽ ايس ايڇ او ڦليلي سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.