پ پ اميدوار بهادر ڏاهري جون ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ووٽرن کي ڌمڪيون

قاضي احمد (عوامي آواز نيوز) قاضي احمد جي صوبائي تڪ پي ايس 39 تي پيپلزپارٽي جي اميدوار بهادر ڏاهري ووٽ نه ڏيڻ جي  صورت ۾ عوام کي ڌمڪيون ڏنيون آهن، ڪارنر گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي بهادر ڏاهري چيو ته ووٽ وٺڻ لاءِ 5 سالن ۾ اسان کي توهان وٽ هڪ ڀيرو اچڻو ٿو پوي، 5 سالن دوران اسان توهان جا ڪيترائي ڪم ڪيون ٿا، وائرل وڊيو ۾ پ پ اميدوار عوام کي چئي رهيو آهي ته 8 فيبروري به گذري ويندي، پوءِ اوهان به هتي هوندا ۽ اسان به هتي هونداسين، هن چيو ته قومي تڪ تي جيڪڏهن توهان زين شاهه کي ووٽ ٿا ڪيو ۽ اسان جي اميدوار کي ووٽ نه ٿا ڏيو ته پوءِ مون کي به توهان جي ووٽ جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.