سنڌ سرڪار طرفان ايڪريڊيشن ڪارڊن جي مدي ۾ 31 جنوري 2024ع تائين واڌ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي پاران سال 2023ع ۾ جاري ڪيل ايڪريڊيشن ڪارڊن جي مدي ۾ 31 جنوري 2024ع تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. نئين سال 2024 لاءِ ايڪريڊيشن ڪارڊن کي پهرين فيبروري 2024 کان جاري ڪيا ويندا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد به چونڊن تان هٿ کڻي ويو

اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مراد سعيد به چونڊن تان هٿ کڻي ويو آهي. پشاور هاءِ  ڪورٽ مراد سعيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ فيصلو جاري ڪيو آهي. مختصر فيصلي ۾ چيو ويو ته اپيليٽ ٽربيونل ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪاغذ رد ڪيا. ڪيس واپس موڪلڻ جي باوجود ٽربيونل هن وقت غير فعال آهي، ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. فيصلي موجب اڳوڻي وزير جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مراد سعيد ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري درخواست وڌيڪ ڪارروائي کانسواءِ اڪلائي وڃي.

نثار پنهور ۽ پٽ جي آزادي بابت وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي نوٽيس

ڪراچي (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  اڳوڻي قومي اسيمبلي  جي ميمبرنثار پنهور ۽ ان جي پٽ    محسن پهنور کي آزاد ڪرائڻ بابت درخواست تي  وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، درخواستگذار حسن نثار موقف ڏيندي چيو ته 9 جنوري رات جو اڍائي  وڳي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اسان جي گهر ۾ گهڙيا،  اهلڪار منهنجي والد نثار پنهور ۽ ڀاءُ محسن پنهور کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، منهنجي والد ۽ ڀاءُ جي خلاف ڪو به ڪيس ناهي، عدالت وفاقي صوبائي حڪومت آءِ جي سنڌ ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس ڪندي ڌرين کان 22 جنوري تائين جواب گهري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.