مراد علي شاهه جي منٿن بعد چاڪر خان شاهاڻي هٿ کڻي ويو

دادو(رپورٽ:غوث جهتيال) اڳوڻي وڏو وزير سيد مراد علي شاھ دادو پهچي پ پ پ جي ناراض شخصيت ۽ پي ايس 83 جوهي تي آزاد اميدوار جي  حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪندڙ شاهاڻي برادري جي سردار چاڪر خان شاهاڻي جي دادو واري رهائشگاهه تي پهتو، ٻنهي پ پ پ اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ بعد سردار چاڪر خان شاهاڻي پي ايس 83 جوهي تي پ پ پ اميدوار سيد صالح شاهه جيلاني جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ سڪندر خان راهپوٽو، بلا خان شاهاڻي، سيد صالح شاهه جيلاني، اڳوڻو ايم پي اي سيد آصف علي شاھ، اڳوڻو ٽي ايم او شمن راهپوٽو، سليم باجاري ۽ ٻيا پ پ پ اڳواڻ موجود هئا، چاڪر خان شاهاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ۾ حصو وٺڻ هر ڪنهن جو حق آهي ان ڪري اسان حصو ورتو ۽ پارٽي جي ڊسيپلين تحت پارٽي اڳواڻن سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ ڪجهه خدشا هئا اهي به دور ڪيا ويا آهن جنهن ڪري فيصلو ڪيو آهي ته دادو جي تعلقي جوهي ۾ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار سيد صالح شاهه جيلاني جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته پ پ پ جو اڳواڻ ۽ بوزدار برادري جو سردار قادر بخش خان بوزدار پڻ پ پ پ جي اڳواڻن اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بوزدار هائوس دادو پڻ پهتو جتي سردار در محمد خان بوزدار ۽ سردار قادر بخش خان بوزدار موجود هئا ۽ انهن سان ڳالهيون ٿيڻ بعد پي ايس 83 تان چونڊ وڙهندڙ پ پ پ اڳواڻ سردار قادر بخش خان بوزدار چونڊ عمل مان دستبردار ٿي سيد صالح شاهه جيلاني جي حق ۾ رٽائرڊ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.