اسلام آباد (م ڊ) سوشل ميڊيا تي عدليا بدنام ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ججن جي خلاف سوشل ميڊيا تي جاري مهم کي روڪڻ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو اجلاس ايف آءِ اي جي اسلام آباد جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيو. ان جي آءِ ٽي جي سربراهي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ڪري رهيو آهي. اجلاس دوران سوشل ميڊيا تي عدليا کي بدنام ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو ويو. حساس ادارن جي آفيسرن به پلان آف ايڪشن جي آءِ ٽي جي سربراهه کي پيش ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي کي نفرت وارو مواد ڦهلائيندڙن ڄاڻ گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان سان گڏ مواد اپلوڊ ، شيئر ۽ ڪمينٽ ڪندڙن جو به سمورو تفصيل حاصل ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا. ججن جي خلاف سوشل ميڊيا تي جاري مهم کي روڪڻ جي ايندڙ مرحلي ۾ عدليا مخالف مواد ڦهلائيندڙن جون گرفتاريون ٿيڻ جو امڪان آهي.