بلوچ عورتون گم ڪيلن لاءِ رستن تي احتجاج پيون ڪن:سراج الحق

جعفرآباد (پ ر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته اسلام آباد ۽ ڪوئيٽه ۾ ويٺل ظالم وڏيرا ۽ سردار بلوچستان جي محرومي جا ذميوار  آهن انهن جي اولاد ٻاهرين ملڪن ۾ آهن بلوچ عورتون پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي  آزادي لاءِ رستن تي احتجاج ڪري رهيون آهن، ترقياتي منصوبن ۾ 65 سيڪڙو ڪرپشن ٿئي ٿي، هتي سالن کان مسلطن مان نجات ملندي ته بلوچستان جي ترقي ٿيندي، جماعت اسلامي عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪري  بلوچستان وارن کي حق ڏياريندي، جعفر آباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته نواز ليگ ۽ پ پ جو جهيڙو به اڳي وانگر ڪوڙو آهي، هڪ صاحب چوي ٿو ته ان جو نانو ۽ امڙ وزيراعظم رهي چڪا آهن ته هن جو به حق آهي ته وزيراعظم ٿئي، ٻيو محترم چوٿون ڀيرو وزير اعظم جو خواهشمند آهي، هاڻي خانداني نه پر اصلي جمهوريت جو وارو آهي، ان کان اڳ جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونديشن جي تعاون سان هڪ ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ اسپتال جو سنگ بنياد رکيو ويو، سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ٻوڏ دوران جئين بلوچستان جي عوام جي خدمت ڪئي سڀني کي خبر آهي گهر ٺاهيا صاف پاڻي فراهم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.