ايران پاران پاڪستاني حملن ۾ ستن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق

تهران (م ڊ) ايران پاڪستاني حملن ۾ ستن ڄڻن جي  مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،  ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا پاڪستان جي حملن ۾ 7 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايران جي سرڪاري ميڊيا پاران پاڪستان جي حملي ۾ شهرين جي مارجي وڃڻ جي واويلا ڪئي پئي وڃي. ايراني ميڊيا موجب اڄ صبح سراوان شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا ڌماڪن سان گونجي اٿيا، 7 معصوم شهري مارجي ويا آهن. ايراني صوبي سيستان بلوچستان جي ڊپٽي گورنر جنرل علي رضا مرهماتي چيو آهي ته حملن ۾ مارجي ويل 7 ڄڻا ايراني شهري نه هئا، سراوان جو علائقو سيستان بلوچستان صوبي جي راڄڌاني زاهدان کان 347 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.