ڪراچي اندر دهشتگردي ڪندڙن جو ايران جي انتها پسندن سان رابطن جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر)  دهشتگردي جي انت واري کاتي جي سربراهه راجا عمر خطاب چيو آهي ته پاڪستان خاص ڪري ڪراچي ۾ دهشتگردي ۾ ملوث  انتها پسندن جا پيرا ايران ۾ موجود پاڪستان مخالف دهشتگرد گروپن سان ملن ٿا، جيڪي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کان آپريٽ ٿين ٿا. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي انچارج راجا عمر خطاب موجب ماضي ۾ گرفتار ٿيل دهشتگردن جا پيرا ايران ۾ موجود پاڪستان مخالف دهشتگرد جماعتن سان ملن ٿا ۽ ايران ۾ پاڪستان مخالف بي ايل اي بلوچ عليدگي پسند جماعت، لياري گينگ وار ۽ را جا ايجنٽ موجود آهن. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جا انتهائي گهربل دهشتگرد هن وقت ايران ۾ لڪيل آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ اسلامي ملڪ جي سفارتڪار جي قتل ۾ ملوث دهشتگرد 12 سالن کان ايران ۾ آهن، جڏهن ته چيني قونصليٽ تي حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿ آيل موبائيل فونن جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته دهشتگردن آخري رابطو ايران سميت ٻن ملڪن ۾ پنهنجي ساٿين سان رابطو ڪيو. راجا عمر خطاب جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد 2 سالن کان ايران ۾ لڪيل هو ۽ اتان ئي حملو ڪرڻ آيو هو، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي تي آپگهاتي حملي ۾ ملوث دهشتگرد داد بخش پاڪستان مان ايرن ۾ روپوش ٿيو، ۽ ايراني انٽيليجنس ايجنسين جي مدد سان افغانستان ۾ بشير زيب سان ملاقات ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.