پاڪستان پاران پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڄاڻ باوجود ايران قدم نه کنيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ايران جي جارحاڻي حملي جي نتيجي ۾ خميس جي صبح، پاڪستان ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾  دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف انتهائي مربوط فضائي آپريشن ڪيو. سڀ کان پهريان ته اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏين ته ايران جي هڪ صوبي جو نالو به بلوچستان آهي، جنهن جو پورو نالو ”سيستان و بلوچستان“ آهي. ذريعن موجب پاڪستان سرحد جي 30 ميل اندر گهٽ ۾ گهٽ ستن هنڌن تي بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جي ڪئمپن تي حملا ڪيا. پاڪ فوج جي جوابي حملن ۾ هوائي فوج جي جنگي جهازن ۽ ڊرونز جو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. پاڪستان ان آپريشن کي ”مارگ بر سرمچار“ جو نالو ڏنو آهي، جنهن جو مطلب آهي فدائين جو موت. ياد رهي ته ايران جي ڪنهن به شهري يا فوجي اهلڪار کي نشانو نه بڻايو ويو آهي پر انهن نام نهاد سرمچارن کي نشانو بڻايو ويو آهي جيڪي ايراني سرزمين تي پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري بيگناهه پاڪستانين جو رت وهائي رهيا آهن. پاڪستان کي انهن سڀني سرگرمين جي گهڻي اڳ ۾ ئي خبر هئي ۽ ايران جي حڪومت کي انهن سرگرمين کان آگاهه ڪيو، نه رڳو ايترو پر ان جا ڪيترائي دستاويز به ٺوس ثبوتن سان گڏ مهيا ڪيا ويا. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايران هنن گڏيل جاچ ۽ ڪارروائي ۾ تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي پاڙيسري ملڪ تي حملو ڪرڻ نه چاهيندو هو، پر پاڪستان جي سلامتي ۽ عوام جي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي، اهو ئي سبب آهي ته عالمي قانونن جي پاسداري ڪندي، پنهنجن جائز حقن کي استعمال ڪندي آپريشن مرگ بر سرمچار کي آندو ويو. ايران پاڪستان جو ڀاءُ ملڪ آهي ۽ پاڪستاني عوام کي ايراني عوام لاءِ عزت ۽ محبت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.