اسلام آباد (م ڊ) ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو اسلام آباد پهچي ويو. ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو پاڪستاني سفارتي عملي سان الوداعي ملاقاتون ڪيون.ياد رهي ته پاڪستان ايران طرفان فضائي حدن جي ڀڃڪڙي کانپوءِ تهران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ايران اسان جو پاڙيسري ۽ اسلامي ڀاءُ آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار
ڪراچي(م ڊ) ايران پاران پاڪستاني حدن جي ڀڇڪڙي تي سنڌ هاءِ ورٽ بار ايسوسيئيشن مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران اسان جو پاڙيسري ۽ اسلامي ڀاءُ آهي جڏهن ته اهڙي قسم جا حملا برداشت کان ٻاهر آهن. ايران جو رويو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، بار ايسوسييئشن جي صدر ريحان ملڪ چيو ته سنڌ هاءِڪورٽ بار حملي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي گهر ڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪري ٿي.
پاڪ ايران ڇڪتاڻ سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي
ڪراچي(م ڊ)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مندي جو رجحان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ڪاروبار دوران مارڪيٽ جي انڊيڪس ۾ 1000 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي،اسٽاڪ مارڪيٽ جي انڊيڪس ۾ اُن وقت مندي ٿي جڏهن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پاران اِهو اعلان ڪيو ويو ته ايران پاران پاڪستان جي سرحدي حدن ۾ ڪيل حملي کانپوءِ پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو آهي انڊيڪس 62558 پوائنٽس جي سطح تي ڪري پئي.
صوبائي وزير احمد شاهه جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ملاقات
ڪراچي (رپورٽر) نگران اطلاعات واري صوبائي وزير محمد احمد شاهه نگران وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ويجهن لاڳاپن، عام چونڊن جي انتظامن، صحافين کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ ين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نگران صوبائي وزير اطلاعات نگران وفاقي وزير کي صوبي ۾ چونڊن جي انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عام چونڊن لاءِ ضروري فنڊ جاري ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن.