پاڪستان ۾ ايران سميت اولهندي رخ کان ايندڙ اڏامن جي سخت مانيٽرنگ

ڪراچي  (م ڊ)  پاڪستان ۾ ايران سميت اولهه کان  ايندڙ  اڏامن جي سخت مانيٽرنگ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايران لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو، پاڪستان پاران ايراني صوبي سيستان ۾ ڪيل جوابي ڪارروائي  کان پوءِ سول ايوي ايشن ذريعن پاران چيو ويو آهي ته ايران سميت اولهه رخ کان ايندڙ اڏامن جي سخت مانيٽرنگ ڪئي وئي آهي، سي اي اي جي ذريعن موجب اولهندي سرحدن تي فضا ۾ ٿيندڙ هر سرگرمي ۾ سختي سان مانيٽر ڪيو پيو وڃي ۽ اولهه کان ايندڙ سمورن اڏامن بابت الرٽ رهڻ جي هدايت آهي، ذريعن موجب هن کان اڳ اولهه طرفان ايندڙ سخت مانيٽرنگ ڪڏهن به ناهي ٿي، پاڪستان ۽ ايران جو فضائي حدون هن وقت تائين ڪمرشل اڏامن لاءِ کليل آهن. ڊي جي سي ايوي ايشن اٿارتي ٻڌايو ته هن وقت ايران لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، نه ئي ڪا هدايت آهي ۽ ايران پاڪستان وچ  ۾ ڪمرشل اڏامن جي بندش في الحال ڪائي هدايت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.