ايران تي حملن ۾ ساٿين جي مارجڻ جون خبرون غلط آهن: بي ايل ايف

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي خابرو اداري بي بي سي موجب بلوچستان جي ويڙهاڪ تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ جو چوڻ آهي ته ايران ۾ بي ايل ايف جا ڪي به ٿاڪ ۽ پناهگاهون نه آهن ۽ ايران ۾ پاڪستاني حڪومت طرفان ڪيل حملن ۾ ساٿين جي مارجڻ جون خبرون غلط آهن. واضح رهي ته خميس جي صبح پاڪستان ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن جي مخصوص ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي. هن آپريشن کي ’مرگ بر سرمچار‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا آهن.

پاڪستان ۽ ايران ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن: صدر علوي

اسلام آباد(م ڊ)صدر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان ايران ۾ دهشتگردن کي مهارت سان نشانو بڻائڻ تي فوج کي ڀيٽا پيش،صدر  ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ايران ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بنائڻ تي پاڪ فوج جي پيشواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي آهي،صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪ فوج پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي ساليمت تي ٺاهه نه ڪندي، پاڪستان پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ تمام ضروري قدم کڻندو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران دوست ملڪ آهن، ٻنهي کي مسئلا ڳالهين ۽ صلاح مشوري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به آپريشن “ مرگ برسرمچار“ انجام ڏيڻ تي پاڪ فوج کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آپريشن پاڪ فوج جي مثالي صلاحيت ۽ پيشواراڻي مهارت جو ثبوت آهي.صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان امن پسند قوم آهي پر پر ان عزم کي ڪمزوري جي علامت نه سمجهيو وڃي، آپريشن ” مرگ بر سرمچار “ جي ڪاميابي دشمن قوتن لاءِ هڪ پيغام آهي.

پاڪستان بابت ايراني ميڊيا ۾ ڪا به ناڪاري خبر نه پئي هلي:سينئر صحافي

تهران(م ڊ) تهران مان سينيئر صحافي زهرا زيدي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ايراني  فورسز پاڪستان ۽ ايران جي سرحد تي دهشتگردن کي نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ پاڪستاني فورسز ايران ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو، هي اهي خبرون آهن جيڪي ايراني ميڊيا تي هلي رهيون آهن.زهرا زيدي وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي غزا ۾ جاري بمباري تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهن ايراني اختياريون ان ڳالهه جي جاچ ڪري رهيون آهن ته ڇا ايران ۾ مارجي ويل دهشتگرد هئا انهن جو تعلق ڪهڙي ملڪ ۽ علائقي سان هو، ان سان گڏوگڏ اهي ايران ۾ ڪيئن داخل ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.