پي ٽي آءِ بلاول کي ڪامياب ڪرائي، ن ليگ کي شڪست ڏي: چوڌري سرور

لاهور  (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور تحريڪ انصاف کي صلاح ڏني آهي ته هو بلاول ڀٽو کي لاهور مان قومي اسيمبلي جي  تڪ اين اي 127 تان ڪامياب ڪرائي ۽ سندس وڏي سياسي مخالف مسلم ليگ ن کي شڪست ڏئي. اڳوڻي گورنر پنجاب چوڌري سرور پيپلز پارٽي پنجاب جي سيڪريٽريٽ ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ اين اي 127 ۾ بلاول ڀٽو جي چونڊ مهم بابت ٽاسڪ حوالي ڪيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي اڳوڻي گورنر چيو ته بلاول ڀٽو لاهور جي تڪ تان ڀرپور مهم هلائي رهيو آهي، بلاول جو لاهور مان چونڊ وڙهڻ جو مقصد وفاق کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته منهنجو ڀٽو خاندان سان 40 سال پراڻو تعلق آهي، مون کي پيپلز پارٽي جي قيادت پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي، سياست ۾ ڪنهن به شيءِ جي پڄاڻي نه ٿيندي آهي. هن پي ٽي آءِ جي عوام کي سفارتڪاري جي صلاح ڏيندي چيو ته بهتر آهي ته پي ٽي آءِ وارا بلاول ڀٽو کي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 تان ڪامياب ڪرائين ۽ سندن وڏي سياسي مخالف مسلم ليگ (ن) کي شڪست ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.