نواز ليگ سان گڏجي حڪومت ٺاهي سگهون ٿا:خورشيد شاهه

ڪراچي  (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اليڪشن کان پوءِ ن ليگ سان گڏجي حڪومت ٺاهي سگهون ٿا،   ڏٺو وڃي ته بيٽ بيٽ ئي هوندي آهي، پر سنڌي ۾ اسان بلا وڏي نانگ کي چوندا آهيون ۽ سياست مان بلا نڪرندي ئي ن ليگ ميدان ۾ اچي وئي، پي ٽي آءِ عدالت ۾ پنهنجو ڪيس صحيح نموني سان نه وڙهيو، خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن ۾ ڪا هڪ پارٽي واضح اڪثريت نه کڻدي،اڪثريت لاءِ 170 سيٽون گهربل آهن. هن چيو ته جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ سان گڏجي حڪومت ٺاهي سگهون ٿا، پر پارٽي پنهنجو فيصلو ڪندي، الائنس ۾ وڃي يا اپوزيشن ۾ويهي اتحادي حڪومت لاءِ شهباز شريف نواز شريف کان بهتر آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.