راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته ايراني حملي جي مذمت ڪيون ٿا پر ڏٺو وڃي ته معاملا اتي ڪيئن پهتا؟ ڇا ايران سان لاڳاپا خراب ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ آهي؟ افغانستان جي سهڪار بنا دهشتگردي ختم نٿي ٿي سگهي.اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي هن چيو ته شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير طور افغانستان ويو ته انهن مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، بلاول پرڏيهي وزير هوندي هڪ ڀيرو به افغانستان نه ويو، دهشتگردي افغانستان جي سهڪار بنا ختم نٿي ٿي سگهي، اڄ افغانستان بارڊر بند ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي.هن چيو ته مان وزيراعظم طور پاڻ به ايران ويو هيس ۽ سپريم ليڊر سان به مليو هيس، جيڪي ماڻهو چاهين ٿا ته ايران سان لاڳاپا خراب ٿين، اهي اڄ خوش آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ اميدوارن جي پوسٽرن تي قيدي نمبر 804 لکيو ويندو، نيوٽرل ڀائر ڄاڻي چڪا آهن ته وقت ڪنهن جو انتظار نٿو ڪري،