ڪراچي ۾ شهرين تشدد ڪري مبينا ڦورو کي ماري ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ عوام جي تشدد ۾ مبينا ملزم مارجي ويو پوليس مقابلن جي بعد 4 زخمي ڦورن سميت  6 ڦورن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ گاڏيون ھٿ ڪري ورتيون، سرجاڻي ٽائون جي علائقي ڪنيز فاطما سوسائٽي جي ڀرسان عوام جي تشدد ۾ ھڪ مبينا ڦورو مارجي ويو ،گنا منڊي سھراب ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلي جي دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ پوليس ڪانسٽيبل  سجاد ولد محمد شاھ زخمي ٿي پيو، پراڻي سبزي منڊي ڀرسان گوھر آباد ۾ پوليس مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ زخمي ملزم وزير محمد ولد عبدالرزاق کي ٻن ساٿين ڪريم الله ولد محب الله ۽ خاستا ولد عبدالحميد سميت گرفتار ڪري 3 پسٽل، 5 موبائل فون ۽ ٽويوٽا ڪرولا ڪار ھٿ ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.