ڪراچي (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان چيو آهي ته اسان پاڪستاني سرزمين تي صرف ايراني دهشتگردن کي نشانو بڻايو هو، خابرو اداري اي ايف پي موجب ڊيووس ۾ ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته برادر ملڪ پاڪستان جو ڪو به شهري ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز جو هدف ناهي بڻيو، نام نهاد جيش العدل گروهه، جيڪو ايراني دهشتگرد گروهه آهي اهو هدف بڻيو، ان گروهه پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي، اسان ان معاملي تي ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي سيڪيورٽي عملدارن سان ڳالهايو آهي، ايران پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪري ٿو، اسان جو معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جو مقصد نه هو ۽ نه ئي معصوم شهري نشانو بڻيا، دهشتگردن خلاف قدم کنيو.