اسڪولي ٻارن سان هن ظلم خلاف به آواز اٿاريو

تحرير:زارا نواز شيخ

اڄ مان هڪ اهڙ مسئلي تي لکي رهي آهيان جيڪو هر گهر جي ٻارن جو مسئلو آهي پر الائي ڇو ڪنهن جو به اوڏانهن ڌيان نٿو وڃي. ڇا اهو ضروري آهي ته معصوم ٻارن کي صبح جو سوير ننڊن مان ڇڪي اٿاري اسڪول موڪلجي. خاص ڪري سياري جي موسم ۾ صبح سوير جو ٻارن جي اٿڻ جو مسئلو ٿيندو آهي پر ماءُ پيءُ ٻارن کي ماري به ننڊ مان اٿاريندا آهن جيڪو ظلم آهي.

اسڪول انتظاميا کي گهرجي ته لڪير جا فقير نه ٿين پر ٻارن جي ذهني سڪون کي ڏسندي اسڪولن ۾ وڃڻ جو مناسب وقت رکن. لازمي ته ناهي ته صبح جو اٺين لڳي اسيمبلي لڳي ۽ وينن وارا صبح جو ڇهين وڳي گهر پهچن ته جيئن سڀني ٻارن کي صبح جو اٺين وڳي پهچائجي. ڇهين بجي جيڪڏهن وين وارو اچي ته معنيٰ ڪلاڪ ڏيڍ اڳ ٻارن کي ننڊ مان اٿارجي. اهو ظلم ناهي؟ اها ڪهڙي ايمرجنسي آهي جو ايڏو جلد ٻار اسڪول وڃن. سو اسڪولي ٻارن کي ننڊ مان صبح سوير اٿارڻ واري روز جي عذاب  کان بچائڻ گهرجي. حقيقت ته اها آهي ته ڪجهه مائرون به ايڏو جلد اٿڻ ۾ تڪليف محسوس ڪنديون آهن تنهن ڪري اسان اهو به ڏٺو آهي ته ڪي مائرون رات جو ئي يونيفارم سان ٻارن کي سمهاري ڇڏينديون آهن ته جيئن صبح وين اچڻ کان اڳ ئي ٻارن کي اسڪولن لاءِ تيار ڪري سگهجي. ڪيڏي نه کل جي ڳالهه آهي.

ٻيو مسئلو ٻارن جي سياري ۽ گرمين ۾ موڪلن جو هوندو آهي. ان معاملي ۾ به حڪومتون ۽ اسڪول انتظاميائون لڪيرجو فقير هونديون آهن. يعني گرمي يا سردي هجي يا نه هجي مقرر مهينن ۾ ساڳين تاريخ ۾ ئي موڪلون ڪبيون جڏهن ته موسمي تبديليون اچي چڪيون آهن.اسان وٽ اڃان سيارو شروع ئي ناهي ٿيندو ته ٿڌ جون موڪلون ختم ٿي ٿي وينديون آهن، سردي جي موڪلن کي وڌائي به ته سگهجي ٿو، 10 ڏينهن بجائي هڪ مھينو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟

سياري ۾ اسڪول ٽائيم 11 وڳي ڇو  نٿو ٿي سگهي. مون کي حيرت آهي ڪتريون عورتون اسيمبلين ۾ موجود هونديون آهن پر اسڪولي ٻارن جو اهو مسئلو ناهن اٿارينديون.اها تجويز اسيمبلي ۾ پيش ڪجي ته حالتون بدلجي چڪيون آهن هاڻي موسمي تبديلين پٽاندڙ موڪلن جو اعلان ڪرڻ گهرجي. جن مهينن ۾ سخت سيءُ ۽ شديد گرمي ٿئي انهن مهينن ۾ موڪلن جو اعلان ڪرڻ گهرجي.

آئي ڏينهن انساني حقوق جون تنظيمون ۽ ٻارڙن جي تحفظ حقن واريون تنظيمون پيون پروگرام منعقد ڪنڍيون پر ٻارڙن سان ايڏي وڏي زيادتي ۽ نا انصافي تي ڪو به نٿو ڳالهائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي مفادن خاطر رات 12 وڳي قانون قراردادون پاس ٿيون ڪن پر افسوس جو معصوم ٻچن تي ڪنهن کي به رحم نٿو اچي .

سو  اسڪولن جو وقت موسم جي مطابق مقرر ڪيو وڃي. سياري ۾  اسڪول ٽائيم گهٽ ۾ گھٽ صبح 11 وڳي يا 12 وڳي هئڻ گهرجي ته جيئن ٻار دلچسپي سان دل لڳائي خوشي خوشي اسڪول وڃن .

پڙهائي ۽ راند روند ۾ صحتمند ايڪٽوٽيز کي سهڻي نموني سرانجام ڏئي سگهن.

سياري جون موڪلن جي وقت کي گهٽ ۾ گھٽ هڪ مھينو هئڻ گهرجي ته جيئن ٻار سخت ٿڌ ۾ اسڪول وڃڻ جي زيادتي کان بچي وڃن.گرمين کي به اهڙي ريت ترتيب ڏني وڃي،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.