ڪراچي(م ڊ) صوبي ۾ ڪورونا جي امڪاني پکيڙ کي نظر ۾ رکندي نگران صحت واري وزير صوبائي ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي.11 رڪني ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر وقار محمود کي چيئرمين ۽ آغا خان اسپتال جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر فيصل محمود کي ڪو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر ثاقب شيخ، ڊاڪٽر محمد آصف، ڊاڪٽر سارا سلمان، ڊاڪٽر منيبا احسن، ڊاڪٽر اساما خالد شامل آهن، جڏهن ته صحت کاتي جو چيف ٽيڪنيڪل آفيسر، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ ۽ هڪ هڪ ميمبر هوندو. ان کان علاوا شبير علي بابر کي ميڊيا جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، صوبائي ٽاسڪ فورس ٽيم صحت واري وزير کي رپورٽ ڪندي، ڪورونا وائرس جي امڪاني پکيڙ جي صورت ۾ صحت کاتي کي ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪندي ۽ ايمرجنسي رسپانس پلان تيار ڪندي. ڪورونا ۾ واڌ جي صورت ۾ کنيل خاص قدمن جو خاڪو پيش ڪيو ويندو. صوبائي ٽاسڪ فورس ڪورونا جي روڪٿام، ڪنٽرول قدمن تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ نگراني جو نظام ٺاهيندي، عوام ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز تائين معلومات پهچائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن پروٽوڪول قائم ڪندي ۽ ٻين صوبن ۽ اين جي اوز سان هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيندي. ٽاسڪ فورس ويڪسينيشن جي جامع حڪمت عملي جي تشڪيل ۽ ان تي عمل کي يقيني بڻائيندي.