ڪورونا جو نئون وائرس خطرناڪ ناهي: ڊاڪٽر سعد خالد

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ڪالهه جناح اسپتال اي پي آئي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته نئون ڪووڊ-19 جو جي اين 1 ويرينٽ گذريل ڪووڊ 19 جيترو طاقتور ناهي، جنھن کي سادو احتياطي تدبيرن ذريعي روڪي سگھجي ٿو، جي اين 1 ويرينٽ وڏي عمر وارن کي ماڻھن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جيڪي متاثر ٿيندڙ بيمارين ۾ اڳ ئي مبتلا آهن ۽ جيڪي ڪمزور مدافعتي نظام وارا آهن، انھن تي اثر ڪري سگھي ٿو. ھن چيو ته نئين ڪورونا وائرس جي حوالي سان طبي ماهرن ۽ لاڳاپيل ماڻهن تي مشتمل ٽاسڪ فورس قائم ڪيو ويو آھي، ٽاسڪ فورس جي صلاح، مشوري سان ايڪشن پلان تيار ڪري ان تي عمل ڪرائبو. هن وڌيڪ چيو  ته اسان وفاقي حڪومت کان ڪورونا جي ويڪسين طلب ڪئي آهي، جيڪا جلد دستياب ٿي ويندي سنڌ صوبي ۾سنڌ انفيڪشن ڊيزيز سينٽر ۽ ٻين اسپتالن ۾ وارڊ قائم ڪيا ويا آهن. صوبائي ٽاسڪ فورس جي ڪو چيئرمين ڊاڪٽر فيصل محمود چيو ته سڀني ماڻهن کي ويڪسين جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.