پرڏيهه مان ڪراچي پهتل ٻن مسافرن ۾ ڪورونا جي تصديق

ڪراچي ( رپورٽر) پرڏيهه مان ڪراچي پهچندڙ وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ ڪورونا جي اين ون ويرينٽ جي تصديق ٿي آهي، هن وقت تائين پرڏيهه مان  ڪراچي پهچندڙ 15 مسافرن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. پرڏيهه مان ڪراچي پهچندڙ وڌيڪ 2 مسافرن جي ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، جاري ٿيل انگن اکرن مطابق فيصل آباد جو رهواسي 28 ورهين جو ۽ مالاڪنڊ جو رهواسي 25 ورهين جو مسافر جدي کان ڪراچي پهتا آهن.صحت کاتي کي گذريل ڏينهن باقي 4 پي سي آر ٽيسٽن جا نتيجا به ملي ويا آهن، چئني مسافرن جي پي سي آر ٽيسٽن جا نتيجا پڻ هاڪاري آيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته پرڏيهه مان ڪراچي پهچندڙ 17 مسافرن جي ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، جڏهن ته ريپڊ اينٽيجن جي 17 ڪيسن مان 15 مسافرن جا پي سي آر ٽيسٽ به مثبت آيا آهن، جن مان هڪ جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. سمورن متاثر مسافرن کي ٽيسٽ جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.