ڪراچي: گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ مين هولز جي صفائي ددوران ٻن پورهيتن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گلستان جوهر بلاڪ 13 واٽر ڪارپوريشن جي سيوريج جي ڪا به لائن بلاڪ نه ٿي هئي، جڏهن ته گلستان جوهر بلاڪ 13 جي هڪ رهائشي اپارٽمينٽ جي پنهنجي سسٽم جي سيوريج مين لائن بلاڪ ٿي هئي، ترجمان ٻڌايو ته رهائشي اپارٽمينٽ انتظاميا واٽر ڪارپوريشن کي سيوريج جي ڪا به شڪايت داخل نه ڪرائي هئي، اطلاع ملندي ئي واٽر ڪارپوريشن عملدار موقعي تي پهتا هئا، واٽر ڪارپوريشن پنهنجون گاڏيون موڪلي لائن جي فوري طور تي مڪمل صفائي ڪرائي، رهائشي اپارٽمينٽ انتظاميا پرائيويٽ پورهيتن کي گهرائي ڪم ڪرايو جيڪو غلط عمل آهي، رهائشي اپارٽمينٽ انتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري ٻه معصوم جانيون ضايع ٿيون، واٽر ڪاپوريشن پورهيتن کي صفائي ۽ سيوريج لائن صفائي جا سمورا اوزار فراهم ڪري ٿي.