پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتيون، شاهد خاقان عباسي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، ايم ڊي پي ايس او ارشد مرزا، ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ايس او يعقوب ستار، عمران الحق ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، بئريسٽر خواجه نويد احمد شاهد خاقان عباسي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، عدالت شاهد خاقان عباسي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، گذريل ٻڌڻي تي ٻين جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي وڪيل صفائي عدالت کان معزت ڪئي، عدالت جوابدارن کي آخري موقعو ڏيندي هر ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪراچي: بليڪ ميلنگ ڪيس ۾ يوٽيوب چينل جي مالڪ ۽ رپورٽر کي پنج پنج سال قيد جي سزا

ڪراچي ( رپورٽر) ڪلينڪ جي مالڪ کي بليڪ ميل ڪندڙ يوٽيوب چينل جي مالڪ ۽ رپورٽر کي پنج پنج سال قيد جي سزا، عدالت  مانت تي آزاد ٻنهي جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ يوٽيوب چينل جي مالڪ ۽ رپورٽر خلاف ڪلينڪ مالڪ کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ رقم هڙپ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت رپورٽر وسيم عباس هاشمي ۽ يوٽيوب چينل جي مالڪ مزمل اسلم مونگا کي پنج پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ٻنهي جوابدارن تي ڏهه لک رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو آهي.

نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف درخواستون، رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين کان رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ٻن نئين درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته  ڇا پي ٽي آءِ اميدوار نيڪ محمد خلاف ڪيس داخل آهي؟ عبدالوهاب بلوچ ايڊووڪيٽ چيو ته ذاتي دشمني تي اميدوار جي والد خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، چيف جسٽس چيو ته ڇا قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار اليڪشن وڙهي سگهي ٿو، اميدوار جيل مان به اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو،  عبدالوهاب بلوچ ايڊووڪيٽ چيو ته سزا ٿيڻ جي صورت ۾ ڪو اميدوار چونڊ نه ٿو وڙهي سگهي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ڌرين کان جواب طلب ڪري قانون جو جائزو وٺون ٿا، عدالت پي ايس 60 جي رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ياسمين راشد ۽ ذلفي بخاري کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ياسمين راشد ۽ ذلفي بخاري کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ اين اي 130 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي فارمن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيندي فارمن تي اپيليٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو آهي، عدالت نواز ليگ جي بلال ياسين جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏن ته عدالت ذلفي بخاري کي به اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت اپيليٽ ٽربيونل  جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.