ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻھ سينيٽري ورڪر مين ھول ۾ صفائي دوران ٻڏي فوت ٿي ويا، ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 12 ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 سينٽري ملازم مين هول ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ريسڪيو ٽيم پاران ٻن ڄڻن جا لاش مين هول مان ڪڍيا ويا آھن. اختيارين مطابق فوت ٿيل ٻئي سينيٽري ورڪر مزدور آهن، انھن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، اختيارين جو چوڻ آهي ته سيوريج لائين ۾ بندش جي شڪايت تي مزدور صفائي لاءِ پهتا، هڪ مزدور صفائي لاءِ مين هول جي اندر ويو ۽ واپس نه آيو، جنهن کانپوءِ ساٿي مزدور کي ڳولڻ لاءِ ٻيو مزدور بھ اندر ويو تھ اھو بھ ٻاهر نه آيو.ياد رھي تھ نومبر 2023 دوران پڻ ڪراچي جي ڪورنگي گلزار ڪالوني ۾ 8 ورهين جو ٻارڙو کليل مين هول ۾ ڪري پيو ھو، جنهن جي مامي پنهنجي ڀاڻج کي بچائڻ لاءِ ٽپو ڏنو پر فوت ٿي ويو. جنھن کي بچائڻ لاءِ مين هول ۾ داخل ٿيندڙ 4 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جڏهن ته پنجين شخص همت ڪري لاش کي رسي سان ٻڌي مين ھول مان ٻاهر ڪڍيو ھو.