ننڍي کنڊ جي مهان قوم پرست سائين جي ايم سيد جي اڄ 120 هين سالگرهه

مانجهند(رپورٽ: بابو عمراڻي)جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگره اڄ سن ۾ ملهائي پئي وڃي  3 ڌار ڌار جلسا منعقد پنڊال تيار شھر ڪنوار وانگر سينگارجي ويو قافلن جي آمد جاري سيڪيورٽي سخت  قلم 144 لاڳوتفصيل موجب  سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني قومي رهبر  سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگره سڀ اڄ   سن ۾ قومي  جوش جذبي سان ملهائي پئي وڃي  ايس يو پي طرفان  سيد جلال محمود شاهه سيد زين شاه روشن علي ٻرڙو جگديش آھوجا جي اڳواڻي ۾ سيد جي درياء واري بنگلي تي سالگرهه جلسو ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جا نامور سياستدان  اديب دانشور شرڪت ڪندا جڏھن ت رات جو 12 بجي  مشعل بردار ريلي پڻ ڪڍي  سيد جي مزار تي حاضري پڻ ڀري راڳ رنگ جي محفل ڪرائي وئي جنهن  ۾ سنڌ جي ناليوارن راڳين فن جو مظاهرو جاري رکيو جسقم (بشير گروپ)  طرفان  چئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي کان پيادل مارچ ڪري سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري  سيراندي کان  عام جلسو ڪوٺائي ويو آھي جنهن جو پنڊال تيار ٿي ويو ديدار شام ۽ ٻين پنڊال ۽ انتظامن جو جائزو ورتو  جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي ۾ شامل قومپرست جماعتن جسقم ( آريسر گروپ )جسم  جيئي سنڌ قومي پارٽي جيئي سنڌ تحريڪ جو گڏيل جلسو رياض چانڊيو اسلم خيرپوري نواز خان زنئور سورهيه سنڌي جي اڳواڻي ۾ ٿيندو جيئي سنڌ محاذ طرفان چئرمين صوفي حضور بخش علي نواز ٻٽ جي اڳواڻي ۾ جسقپ طرفان سوڀ قمر ڀٽي دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ حاضري پڻ ڀريندا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪنن جي آمد شروع ٿي وئي  جنهن جون تياريون ڪيون پيون وڃن ايس يو پي ۽ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن طرفان سن شھر کي ڳاڙھن جهنڊن سان ڪنوار وانگر سينگاري انتظام مڪمل ڪري ورتا ٽائون ڪميٽي سن جي چئرمين چاندي خان پليجو شھر جي مختلف گهٽين ۾َ صفائي سٿرائي ڪرائي روڊن تي ڇڻڪار پڻ ڪرائي وئي ضلع پوليس ڄامشورو مختلف ٿاڻن تان وڏي پوليس ايندڙ ويندڙ رستن تي بيهاري سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا جڏھن ت قلم 144 پڻ لاڳو ڪيو ويو

غريب ۽ پورهيت جي ڳالهه ڪندڙ شهيد فاضل  راهو جي اڄ 37هين ورسي

بدين (عوامي آواز نيوز) شهيد فاضل راهو جي 37هين ورسي جون تياريون مڪمل بلاول ڀٽو زرداري ورسي جي موقعي تي راهوڪي ۾ عام   جلسي کي خطاب ڪندو جڏهن ته گذريل رات ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ مشهور علمي ادبي صحافي شخصيتن شرڪت ڪئي سنڌ جي نالي واري هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو جي 37هين ورسي جي موقعي تي  گولاڙچي جي ڳوٺ راهوڪي ۾ ٿيندڙ عام جلسي ۽ ٻين تقريبن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي عام خطاب ڪندو ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سميت فاتحه ڪندو عام چونڊن جي موقعي تي ٿيندڙ ورسي جي تقريبن کي  چونڊ تياري طور ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي ان ڏس ۾ پارٽي ذريعن مطابق بدين ضلعي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کان علاوه پيپلزپارٽي ۾ شامل شخصيتن ۽ پارتين عهديدارن کي به پابند ڪيو ويوآهي ته ورسي ۾ وڌ کان وڌ ماڻهون شرڪت ڪن

سڄي سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ مَحاذ چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رهبر ڪَميٽي سربراهه رياض علي چانڊيو چيو آهي ته گُذريل پَنجن ڏينهن کان سَڄي سنڌ  ۾ پوليس ۽ سرڪاري ادارا بيگناهه پُرامن سياسي ڪارڪُنن کي گرفتار ڪري رهيا آهن، هڪڙو خوف ۽ ڏَهڪاءَ جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهون سَن نه وَڃن ۽ سائين جي ايم سيد کي سَندس 120 جنم ڏينهن تي خراج پيش نه ڪَن، انهن قوتُن کي سنڌ ۾ سياسَت ڪرڻ جي اجازت آهي جيڪي سنڌ کي تَحس نَحس ۽ برباد ڪَن، رشوت خور ۽ بي ايمان هُجن سياسَت جي ذريعي عوام کان سَندن آزادي ۽ جمهوريت جا حق کَسين، انهن سَڀني ڪرپٽ ۽ ڏوهارين کي سنڌ جي ماڻهن مَٿان مسلط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سَرڪار هر وقت رُڌَل آهي پر جيڪي سنڌ ۾ انساني حقن جي بَحالي، سنڌ جي  تعمير ترقيءَ ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ٿا ڪَن تن پرامن ورڪرن جي گهرن ۾ پوليس بغير ماجسٽريٽ ۽ ماجسٽريٽ جي وارَنٽ جي گهڙي چادَر ۽ چوديواري جو تقدس پائيمال ڪَن ٿا جيڪو قابل مَذمت عمل آهي، ڪمشنر حيدرآباد سَن جي جلسي تي 144 قلم لاڳو ڪيو آهي جيڪو عمل انساني ۽ جَمهوري آزاديءَ جي خلاف آهي جنهن جي پِڻ سخت مَذمت ڪيون ٿا، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته هي بيگناهه وَرڪر سَڀ آزاد ڪريو ۽ ناڪابندي بند ڪريو، سپريم ڪورٽ ۽ نگران سرڪار کي هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ جي محفل

سن(رپورٽ:ساگر سولنگي) سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عاشق آزادي جي علمبردار سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرھ جو آغاز  ايس يو پي طرفان سائين جي ايم سيد جي درياھ واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل  سان ڪيو ويو ، صوفياني محفل ۾ ايس يو پي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ ، ايس يو پي صدر سيد زين شاھ، روشن علي ٻرڙو ، جگديش آهوجا، امير آزاد پنهور ، سيد  ڊاڪٽر ضيا شاھ ، سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، روادار تحريڪ اڳواڻ پنهل ساريو سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل سيد جي پيروڪار عورتن مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، محفل ۾ شاھ حيدر سنائي جي سنگ فنڪار سيد الهورايو شاھ ، نبي بخش ملاح ، علي شير ڇڇر، صوفي راڳي فقير الهبچايو ،  ، مسرور سولنگي ۽ غلام حسين سولنگي پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ، محفل موسيقي دوران رات جو 12 وڳي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾  مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي ، مشعل بردار ريلي ۾ سن شهر سميت مختفل شهرن ڳوٺن کان آيل سيد جي عاشقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي سائين جي ايم سيد جي درياھ واري بنگلي کان ڪڍي وئي جيڪا سن شهر جي مختلف روڊن رست پيچرن کان ٿيندي نعرن جي گونج ۾ مزار جي ايم سيد تي پهتي جتي ايس يو پي اڳواڻ قومي ڪارڪنن سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي ، سن ۾ قلم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز 10 کان وڌيڪ پوليس موبائيلن ۾ اهلڪار ساڻ ڪري سن شهر جو گشت ڪيو. ٻئي طرف  سن ويجھو مانجھند ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھ اويس قرني مانجھند پوليس ۽ خانگي گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻهو نوجوان قربان علي عمراڻي کي کنڀي کڻي ويا، قربان علي عمراڻي جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو ڪنهن به سياسي پارٽي يا قومپرست جماعت سان ڪو به واسطو ناهي ، بناجواز جي قربان کي کنڀيو ويو آهي اسان اپيل ٿا ڪيون  ته قربان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.