ڪراچي ۾ بورڊ انتظاميا خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي انٽر ميڊيئٽ بورڊ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرين  احتجاج ڪندي پنھنجن ھٿن ۾بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڪراچي انٽر ميڊيئٽ بورڊ نائين جماعت کان انٽر تائين جي شاگردن سان وڏي ناانصافي ڪندي رھي آھي، اھڙي ئي تسلسل تحت ھاڻي بھ محنتي ۽ ھوشيار شاگردن کي امتحان جي پيپرن ۾ فيل ڪري سپليمينٽري تي آڻي ڇڏيو آھي، تقريبن 80 سيڪڙو شاگردن جو نتيجو خراب آيو آھي، اسان اھڙن نتيجن کي سختي سان رد ڪندي اعليٰ اختيارين کان انصاف جي گهر ڪيون ٿا، ھنن چيو تھ خراب نتيجا اچڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون خودڪشيون ڪري رھيا آھن، اھڙو سلسلو وڌي رھيو آھي، اسان جا پيپر ٻيھر چيڪ ڪيا وڃن، اسان ڪنھن بھ صورت ۾ سپليمينٽري پيپر نھ ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.