بجلي في يونٽ 5 رپيا 62 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) بجلي في يونٽ 5 رپيا 62 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن جي منظوري جي صورت ۾ صارفن تي 49 ارب کان وڌيڪ  جو بار پوندو. سي پي پي اي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا کي درخواست ڏئي ڇڏي جنهن تي اٿارٽي 31 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي. سي پي پي اي طرفان اضافو ڊسمبر جي ايف سي اي جي مد ۾ گهريو ويو. درخواست موجب ڊسمبر ۾ 7 ارب 41 ڪروڙ 80 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. ان کان اڳ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ نيپرا سي پي پي اي جي درخواست تي بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 4 روپيه 12 پئسن جو اضافو ڪيو هو. بجلي جي قيمتن ۾ اضافو نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهريو ويو هو. سي پي پي اي طرفان فيول پرائس جي مد ۾ 4 روپيه 66 پئسن جو اضافو گهريو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.