سنڌ حڪومت 45 ڏينهن لاءِ صوبي ۾ هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي هڻي ڇڏي

ڪراچي  (رپورٽر)8 فيبروري تي اليڪشن سبب سنڌ حڪومت 45 ڏينهن لاءِ صوبي ۾  هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، سنڌ  حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق قلم 144 لاڳو آءِ جي سنڌ پاران مليل خط تي ڪيو ويو آهي،  پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته شيڊول موجب اليڪشن جي اهتمام جو عمل جاري آهي. پابندي جي سفارش ڪنهن قسم جي اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. رجسٽرڊ  پرائيويٽ  سيڪيورٽي  گارڊ ز کي ڊيوٽي دوران هٿيار کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته سفر دوران گاڏي ۾ هٿيار ڏيکارڻ تي به  پابندي هوندي، حڪمن جي ڀڃڪڙي تي لاڳاپيل ايس ايڇ او ڪارراوئي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.