ڪراچي: سمنڊ ڪناري ڪنوار سان گڏ ويٺل نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڦورن نئين پرڻيل جوڙي کان ڦر  دوران فائرنگ ڪري ڪنوار سان سان سمنڊ تي ويٺل نوجوان کي قتل ڪري  ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، ساحل ايوينيو ڪراسنگ خياباني  بابت ڊفينس فيز 8 جي علائقي ساحل جي پٽي جي فائرنگ جو  واقعو پيش آيو جنهن ۾ مقتول جي سڃاڻپ 25 ورهين جي محمد عدنان ولد محمد اسحاق سان ڪئي  وئي، جيڪو پنهنجي زال سان سمنڊ جي ڪناري تي ويٺو هو، مقتول جي 3  مهينا اڳ  ئي  شادي ٿي هئي. واقعي وقت محمد عدنان پنهنجي ڪنواري سان سي ويو  دو درياهه ويجهو ريسٽورنٽ سان ماني کائڻ آيو هو. جنهن کان پوءِ ٻئي ڪناري تي ٺهيل ڀت تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته موٽر سائيڪل سوار 2 جوابدار آيا ۽ ڦر شروع ڪري ڏني، ڦورن عورتن کان ڦر ڪئي ته عدنان ڪاوڙجي پيو ۽ ان مزاحمت جي ڪوشس ڪئي جنهن تي ڦورن عدنان کي  مٿي ۾ 2  ڳوليون هنيون جيڪي موت جو سبب بڻيون، جاچ پوليس مطابق ڦورن مقتول ۽ ان جي زال کان موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي ۽ لاش جناح اسپتال آندو ويو، جتي ان  جا مڇريل وارث  لاش کي بغير پوسٽ مارٽم کڻائي ويا، مقتول بلديا نيول ڪالوني جو رهواسي ۽ بلوچستان ۽ ڪراچي ۾  ذاتي ڪاروبار ڪندو هو. جڏهن ته ان جو اباڻو تعلق بلوچستان جي علائقي  قلات سان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.