پنجاب ۾ پ پ کي تير جو نشان نه ڏئي هارائڻ جي ڪوشش پئي ٿئي:تاج حيدر

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ تاج حيدر چيو آهي ته پنجاب جي ستن سيٽن تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي  تير جو نشان الاٽ ڪرڻ بدران آر اوز آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ الڳ الڳ نشان ڏئي ڇڏيا آهن، لاهور مان بلاول ڀٽو کي هارائڻ لاءِ سندس هيٺين صوبائي سيٽ تي پ پ جي اميدوار فياض ڀٽي کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود آر او پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي مرڪزي تاج حيدر بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ته پنجاب جي ستن سيٽن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي تير جو نشان الاٽ ڪرڻ بدران آراوز آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ الڳ الڳ نشان ڏئي ڇڏيا آهن، سندس چوڻ هوته لاهور مان بلاول ڀٽو کي هارائڻ لاءِ سندس هيٺين صوبائي سيٽ تي پ پ جي اميدوار فياض ڀٽي کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود آر او پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽر تاج حيدر چيو ته آراو شفيع الله اسان جي اميداور فياض ڀٽي کي تير جو نشان ڏيڻ کان نه رڳو انڪار ڪيو پر ان سان بدتميزي ڪندي  هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي پڻ  ٿڏي ڇڏيو آهي، جنهن جي خلاف سڀاڻي توهين عدالت جي درخواست جمع ڪرائي ويندي، سندس چوڻ هوته  هو ڄاڻايل آر او کي هٽائڻ جو مطالبو ڪن ٿا. تاج حيدر وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ڄاڻايل تڪن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن سان جيڪا ناانصافي ٿي رهي آهي ان جي پويان ن ليگ آهي ۽ هو ان ليگ جي ان حرڪت جي مذمت ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.