ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد بابت فيصلو جاري نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد بابت فيصلو اڃا تائين جاري ناهي ڪيو ويو. ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ واڌ جو عبوري رليف وارو مدو 19 جنوري تي ختم ٿيندو، تفصيل مطابق نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اڃا تائين اليڪٽرڪ لائسنس جي تجديد بابت ڪو به حتمي فيصلو جاري ناھي ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ واڌ جو عبوري رليف وارو مدو 19 جنوري تي ختم ٿيندو، ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي 20 سالن جي لائسنس جو مدو 20 جولاءِ 2023 تي ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ 6 مهينن جي عبوري واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن کانپوءِ نيپرا 28 نومبر 2023 تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.