مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ سياسي طور رُٺل ارباب خاندان(جي ڊي اي ۽ پ پ)وچ ۾ ڏيپلي واري صوبائي تڪ پي ايس 55 تي ٺاھ جون ڳالهيون گردش ڪرڻ شروع ڪري رهيون آهن،اُنهي سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي پي ايس 55 ڏيپلي تي بيٺل جي ڊي اي اُميدوار ارباب ذڪاءُ الله پاران پ پ اُميدوار ارباب لطف الله جي حق ۾ رٽائرڊ ٿي هٿ کڻڻ جا افواھ تيزي سان هلي چُڪا آهن،عوامي آواز جي ذريعن پاران ڪيل پڇاڳاپا بعد پتو پيو آهي ته ارباب خاندان هن اليڪشن ۾ ناراضگيون ختم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي،جنهن سبب پنهنجو پاڻ ۾ ٺاھ ڪرڻ کي فائنل شڪل ڏني ويئي آهي،ذريعن موجب ارباب ذڪاءُ الله پ پ اُميدوار ارباب لطف الله جي حق ۾ رٽائرڊ ٿي هٿ کڻندو، ٻي پاسي پي ايس ڏيپلو تي بيٺل جي ڊي اي اُميدوار ارباب ذڪاءُ الله ميڊيا کي ٻُڌايو آهي ته ارباب لطف الله جي حق ۾ هٿ کڻڻ جون جيڪي سوشل ميڊيا تي خبرون هلن پيو اُنهي ۾ ڪابه صداقت ناهي،مون هٿ ناهي کنيو،اليڪشن ۾ اهڙا شوشا هلندا رهندا آهن،باقي اسان هڪڙي فيملي جا آهيون،آئون ارباب لطف الله کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان ۽ هو مون کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو،