حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد مان کنڀيل گم ڪيل جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ ارباب ڀيل جي گرفتاري ظاهر ڪري سي ٽي ڊي پوليس دهشتگردي جي انت لاءِ قائم ڪيل حيدرآباد جي خاص عدالت نمبر ھڪ ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ارباب ڀيل کي جوڊيشل ريمانڊ تي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۽ سي ٽي ڊي پوليس حيدرآباد، ارباب ڀيل خلاف ڪالعدم تنظيم جي دھشتگردن جي مالي مدد ۽ ھٿيار فراھم ڪرڻ جي الزام ھيٺ ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري ٽنڊو الهيار باءِ پاس وٽان ظاھر ڪئي آھي. ٻئي طرف سي ٽي ڊي حيدرآباد پنهنجي جاري ڪيل هڪ پريس رليز ۾ دعوي ڪئي آهي ته هنن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پابندي پيل تنظيم ايس آر اي جي اهم سهولتڪار ۽ دهشتگرد کي ٽنڊوالهيار باءِ پاس تي ايس آر اي جي دهشتگردن جي مالي مدد ۽ فنڊنگ ڪرڻ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ تي گرفتار ڪيو آهي، سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ارباب ڀيل مٿان سي ٽي ڊي ٿاڻي حيدرآباد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، سي ٽي ڊي موجب گرفتار ڪيل جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هن جو تعلق ايس آر اي سان آهي، هو قومپرست تنطيمن جي جلوسن ۽ احتجاجن ۾ به شامل رهندو آهي، گرفتار سهولتڪار دهستگرد جوابدار کي پابندي پيل تنظيم ايس آر اي ۽ ان جي دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، هن وٽان 50 هزار روپيا فنڊنگ جي رقم, رسيد بڪ, ايس آر اي جو آئي ڊي ڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار کان بنا لائيسنس هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جوابدار هڪ ٽرينڊ ۽ قومي جنونيت رکندڙ ذهن جو مالڪ آهي، گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو دهشتگردن جي معاونت ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ فنڊنگ ڪندو آهي ۽ حاصل ڪندڙ رقم ايس آر اي جي ڪمانڊر جي حڪم تي ورهائيندو آهي.