اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويو. نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد شيخ  رشيد کي راولپنڊي جي عدالت مان گرفتار ڪيو ويو. شيخ رشيد کي 9 مئي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف ميٽرو بس اسٽيشن تي ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل آهي. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي جيل ملڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. راولپنڊي ۾ گرفتاري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حمزا ڪيمپ ۾ موجود نه هئس. مان خدا کي گواهي ڏيان ٿو ته مان ڪٿي به موجود نه هئس. شيخ رشيد خلاف مري روڊ تي حساس اداري جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گرفتاري کانپوءِ شيخ رشيد کي ضروري سامان فراهم ڪيو ويو، پوليس گاڏي ۾ سندس 2 ٿيلها ۽ سگار جا پيڪٽس رکيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.