چونڊون وقت تي ٿينديون، هڪ پارٽي حڪومت نه ٺاهي سگهندي: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، نواز ليگ انتظار ۾ هئي  ته پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان کسجي ته پوءِ ميدان ۾ نڪرون، اهو شايد انهن جو مطلب هو پر اسان ته چاهيون پيا ته هر سياسي جماعت کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان نه مليو ته پوءِ به هنن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، احتساب عدالت سکر ٻاهران پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اها اسان جي بدقسمتي آهي ڇوته جيڪڏهن سياستدان ايئن اليڪشن وڙهندا ته پوءِ اها جماعت عوام جي ڇا خدمت ڪندي ۽ عوام جي حقن لاءِ ڇا وڙهندي، ڇو ته اسان جا پنهنجا حق ئي ڦاٿا پيا آهن انهن لاءِ اسان کي وڙهڻو پوندو تڏهن ئي ملڪ ۾ بهتري ايندي، موجودا حالاتن ۾ ڪنهن پارٽي جي حڪومت ٺاهڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ هاڻ هڪ پارٽي جو ڪم ناهي گهٽ ۾ گهٽ 3 پارٽيون ملي ڪري ئي حڪومت ٺاهي سگهون ٿا، پر اڳتي ڇا ٿيندا ان بابت آئون پهريان ڪجهه نٿو چئي سگهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.