اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار جي نمائندن پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کان اهڙن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. صدر سپريم ڪورٽ بار شهزاد شوڪت چيو آهي ته ججن سان گڏ بيٺا آهيون، فيصلي تي تنقيد بدران ججن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، وڪيل ججن تي تنقيد برداشت ڪندا، ٺٺوليون نه. جڏهن ته فيصلي ۾ لکيل آهي ته چونڊون نه ڪرايون ويون، اهي ٿيڻ گهرجن ها.