بلاول پنهنجي امڙ کي ياد ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو

نئو ديرو (ن ع آ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زردري هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي امڙ کي ياد ڪري  روئڻهارڪو ٿي ويو نئون ديرو ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته  جيڪڏهن مان شهيد بينظير ڀٽو کي سنڌ جي اسپتالن، دل جي علاج  ۽ ڊائلاسز بابت ٻڌايا ها ته  اهاچوي ها ته ٻين شهرن کي وساري ويٺا ان دوران بلاول ڀٽو ڪيترائي ڀيرا روئڻهارڪو ٿيڻ سبب پنهنجي  هٿ ۽ رومال سان اکين ۾ ايندڙ لڙڪ اگهي ڇڏيا بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ته جواب ڳڙهي خدابخش کي ڏيون ٿا هن چيو ته دهشتگردي جيڪا ڪر کڻي رهي آهي مان  ان ڪر کي وڍي ڇڏيندس اسان کي ڳڙهي خدابخش کي جواب ڏيڻو آهي .

عدت دوران نڪاح ڪيس، عمران خان ۽ بشريٰ بيبي تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي (م ڊ ) عدت دوران نڪاح جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بيبي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.اڊيالا جيل  ۾ عدت دوران نڪاح جي ڪيس جي ٻڌڻي سينيئر سول جج قدرت الله ڪئي. فرد جرم سينيئر سول جج قدرت الله پڙهي ٻڌايو، ٻنهي جوابدارن طرفان ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. فرد جرم وقت پي ٽي آءِ باني عدالتي ڪمري ۾ موجود هو، جڏهن ته عدالت بشريٰ بيبي جي غير موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڪيل بشريٰ بيبي جي ڇوٽ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت خارج ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته بشريٰ بيبي کي اڄ طلب ڪيو ويو هو، هوءَ ڪنهن جي اجازت سان عدالتي ڪمري مان هلي وئي؟ عدالت جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پتو لڳايو بشريٰ بيبي جيل ۾ ڪهڙي وقت داخل ٿي ۽ ڪهڙي مهل ٻاهر وئي. جيل انتظاميا عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بيبي 11:30 وڳي داخل ٿي ۽ 1:45 تي هلي وئي. بشريٰ بيبي جي وڪيل عثمان گل عدالت جي پڇاڻي تي ٻڌايو ته هوءَ طبعيت ۾ خرابي سبب اسپتال هلي وئي. عدالت چيو ته اسان بشريٰ بيبي جا وارنٽ آرڊر لکيا، توهان هر هر ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪري ڇوٽ گهري رهيا آهن. بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل رپورٽ تي پراسيڪيوٽر رضوان عباسي اعتراض اٿاري ڇڏيو، هن چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪنهن ٽريٽمينٽ جو ڪو ذڪر ناهي. عدالت چيو ته ڇوٽ ان جي گهري ويندي آهي، جيڪو عدالت ۾ موجود نه هجي، بشريٰ بي بي ڪنهن جي اجازت سان وئي؟ پي ٽي آءِ باني کي گهرايو، چارج فريم اڄ ئي فريم ٿيندو. عدالت پي ٽي آءِ باني کي عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي گهرائي ورتو. پي ٽي آءِ باني جج کي چيو ته مون کي ليگل ٽرمز جي خبر ناهي، منهنجو وڪيل مون کي سمجهائي ته چارج شيٽ تي صحيح ڪندس، 6 ورهين کانپوءِ مانيڪا کي ياد آيو ته نڪاح غير شرعي هو. وڪيلن سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ باني چارج شيٽ تي صحيحون ڪري ڇڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.