بلاول کي ڪامياب ڪندئو ته بجلي مفت ڏينداسين: آصفه ڀٽو

ملير / کوکراپار (رپورٽ: جميل چانڊيو/ رپورٽ عنايت قمبراڻي) پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه عوام ۽ ملڪ جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ ڪم  ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جون قربانيون کي وساري نٿو سگهجي پيپلزپارٽي جڏهن به اقتدار ۾ رهي آهي يا اقتدار کان ٻاهر ته ان فقط پاڪستان جي عوام جي ڳالهه ڪئي آهي، 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ عوام پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيئي ته جيئن عوامي حڪمراني قائم ٿئي جنهن ۾ عوام پاڻ حڪمران هوندو، اهڙن خيالن جو اظهار شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه زرداري ڀٽو چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ملير جي ابراهيم حيدري، دائود چورنگي، ملير 15 ۽ مراد ميمڻ ڳوٺ جي دوري دوران مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي ڪيو، آصفه ڀٽو جو مختلف هنڌن تي پهچڻ تي ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان جون بنيادون کوکليون ڪيون ويون آهن جيڪڏهن عوام اهڙن ماڻهن کي نه چونڊيو نه ته هن ملڪ جو وجود خطري هيٺ اچي ويندو ڇو جو سليڪٽر حڪمرانن خوشحال ملڪ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، بک بدحالي ۽ خودڪشين تي مجبور ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي محنت ڪشن جي روزي کسي وئي ملڪ جا وڏا ادارا تين وال ڪيا ويا پاڪستان اسٽيل مل جهڙي قومي صنعتي اداري کي بند ڪيو ويو ۽ لکين مزدورن کان روزي کسي وئي هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي صنعتي انقلاب جي باني پارٽي آهي، منهنجي نانا پاڪستان اسٽيل، پورٽ قاسم، آر اي سي پي سميت ڪيترائي ادارا لڳايا جنهن جي بدولت ملڪ جي معيشيت مضبوط ٿي، آصفه ڀٽو چيو ته عوام جيڪڏهن منهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو کي ڪامياب ڪندو ته انهن کي 300 يونٽ بجلي فري ۽ تعليم، صحت ۽ روزگار مهيا ڪيو ويندو جڏهن ته غريب ماڻهن لاءِ 10 لک گهر اڏيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙا ادارا ڏنا جنهن ذريعي اڄ مهانگو ترين علاج مفت ٿي رهيو آهي، مفت تعليم لاءِ راهموار ڪئي روزگار ڏنو ۽ هيٺين سطح تي اقتدار عوام جي نمائندن حوالي ڪيو هن چيو ته 8 فيبروري تي تير ٺپو هڻو ته جيئن ملڪ جي تيز رفتار ترقي ۽ عوام جي خوشحالي يقيني ٿي سگهي. ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين ڄام عبدالڪريم جوکيو، آغا رفيع الله، اڳوڻي ايم پي اي محمد ساجد جوکيو، محمود عالم ڄاموٽ، سليم بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، راجه عبدالرزاق بلوچ، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، پيپلزپارٽي جا ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو، جان محمد بلوچ، طارق عزيز بلوچ، جان عالم ڄاموٽ سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.