نواز شريف سان مالڪ بلوچ ۽ ٻين جي ملاقات، سياسي رابطا وڌائڻ تي اتفاق

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ جي قائد ميان نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ وفد سان گڏ لاهور ۾ جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي. نيشنل پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل جان محمد بليدي، مرڪزي سينيئر نائب صدر مير ڪبير محمد شاهي، مرڪزي نائب صدر سردار ڪمال خان بنگلزئي، سينٽر مير طاهر خان بزنجو ۽ ن ليگ پنجاب جي صدر ايوب ملڪ ۽ مسلم ليگ ن سردار اياز صادق، مسلم ليگ بلوچستان جي صدر جعفر خان. مندوخيل ۽ مريم اورنگزيب پڻ موجود هئا، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي سياسي پارٽين جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊ حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن ۾ اهم عملي فيصلا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.