پيپلزپارٽي جي 7 اميدوارن کان تير جو نشان کسجي ويو

لاهور (م ڊ) پ پ جي 7 اميدوارن کي رٽرننگ آفيسرن آزاد اميدوار قرار ڏئي ڇڏيو، پ پ جي پنجاب ۾ 7 اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ باوجود چونڊ  نشان تير الاٽ نه ٿيو، 3 قومي اسيمبلي ۽ 4 پنجاب اسيمبلي جا اميدوار پ پ جي چونڊ نشان کان محروم ٿي ويا، پيپلزپارٽي اڳواڻ چوڌري منظور ردعمل ڏيندي چيو ته پارٽي سڀني اميدوارن کي وقت تي ٽڪيٽ لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو پر بدقسمتي سان اليڪشن ڪميشن 7 اميدوارن کي نشان ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اسان جي اميدوارن کي زبردستي آزاد اميدوار ڊڪليئر ڪيو پيو وڃي، ان بي ضابطگي تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ته اڃا تائين جواب ناهي مليو، جڏهن ته اميدوارن کي چونڊ نشان نه ملڻ تي پيپلزپارٽي جي اليڪشن سيل انچارج سينيٽر تاج حيدر اليڪشن ڪميشن کي خدشن تي ٻڌل خط لکي ڇڏيو آهي، تاج حيدر لکيو ته پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي طرفان وقت تي پارٽي سرٽيفڪيٽ ۽ ٽڪيٽ رٽرننگ آفيسرن وٽ جمع ڪرايا ويا پر ان جي باوجود اسان جي اميدوارن کي پارٽي جو نشان ”تيز“ جاري نه ڪرڻ تي ڳڻتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.