ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي عظيم ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر به ڊيپ فيڪ وڊيو جو شڪار ٿي ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سچن ٽنڊولڪر پنهنجي جعلي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس آن لائين گيمنگ ايپ جي مشهوري ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
These videos are fake. It is disturbing to see rampant misuse of technology. Request everyone to report videos, ads & apps like these in large numbers.
Social Media platforms need to be alert and responsive to complaints. Swift action from their end is crucial to stopping the… pic.twitter.com/4MwXthxSOM
— Sachin Tendulkar (@sachin_rt) January 15, 2024
گيمنگ ايپ جي مشهوري لاءِ ٺاهيل هن جعلي وڊيو ۾ سچن ٽنڊولڪر جي وڊيو ۽ آواز جو استعمال ڪيو ويو آهي.
سچن ٽنڊولڪر وڊيو جي ڪيپشن ۾ پنهنجي مداحن کي جعلي وڊيو بابت آگاهه ڪندي لکيو ته ” هي وڊيو جعلي آهي“ .
هن ٽيڪنالوجي جي غلط استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيڪنالوجي جو مسلسل غلط استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪا پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي.
هن مداحن کي درخواست ڪندي چيو ته اهڙي قسم جي ايپس، اشتهارن ۽ وڊيوز کي وڏي انگ ۾ رپورٽ ڪريو، گڏوگڏ اڳوڻي رانديگر سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي اپيل لندي چيو ته اهڙي قسم جي جعلي وڊيوز خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.