ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس سان هفتي ۾ ٻيو حادثو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس بن قاسم ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي.
ريلوي اختيارين موجب حادثو بن قاسم ڀرسان پيش آيو، جتي ٽرين جون 3 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون پر خوش قسمتي سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي اطلاع تي ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن کان امدادي ٽيمون روانيون ڪيون ويون ۽ مسافرن کي رليف ٽرين ذريعي ڪينٽ اسٽيشن منتقل ڪيو ويو.
ريلوي اختيارين موجب حادثي سان متاثر ٽريڪ کي جلد بحال ڪيو ويو.
واضح رهي ته شاليمار ايڪسپريس گذريل اڱاري تي به پڊعيدن ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.