خوشخبري، پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ سٺي خبر اچي وئي، ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ امڪان آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول جي في ليٽر قيمت 267 رپيا 34 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 276 رپيا 21 پئسا في ليٽر آهي.
ذريعن موجب 16 جنوري 2024 کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو واضح امڪان آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيزل جو في ليٽر اگهه ٻه رپين تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 70 پئسا في ليٽر، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ به هڪ رپيو 80 پئسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب اگهن جي حوالي سان اوگرا پنهنجي سمري پيٽروليم وزارت کي موڪليندي ۽ نون اگهن جو اعلان وزيراعظم جي مشاورت سان ناڻي واري وزارت طرفان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.