12 لک ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي ن ليگ جي منشور جو حصو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ منشور ۾ زرعي صنعتن بابت نڪتا شامل ڪري ورتا.
منشور موجب 12 لک ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي ن ليگ جو بنيادي مقصد هوندو، ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي تبديلي رعايتي قيمت تي هوندي، ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي تبديلي لاءِ رهيل رقم آسان قسطن ۾ هوندي.
ن ليگ جي منشور ۾ چيو ويو آهي ته لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ بهتري لاءِ نرم شرطن تي قرض ڏنا ويندا، لائيو اسٽاڪ سيڪٽر جي بهتري لاءِ ٻهراڙي جي عورتن تي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.
منشور ۾ اهو به چيو ويو آهي ته زرعي ٻج جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ سيڊ ايڪٽ تي نظرثاني ڪئي ويندي، ريسرچ انسٽيٽيوٽ ذريعي هائبرڊ ٻج جي تياري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.