ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ واقعن ۾ معصوم نينگري  ۽ عورت سميت  4 ڄڻا قتل، 10 ڄڻا  زخمي ٿي پيا،  مومن آباد ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون سيڪٽر 10 ھريانا ڪالوني ۾ اقصي مسجد ڀرسان  گھر ۾ نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ 6 سالن جي نينگري اقصي ڌيءَ خالد مارجي وئي، گلشن بھار اتحاد ڪالوني جي گھٽي نمبر 9 جي ڀرسان گھر اندر ڦر جي دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 سالن جي عورت ياسمين زال عبدالرحيم قتل ٿي وئي ۽ سندس پٽ 25 سالن جو اسد پٽ عبدالرحيم زخمي ٿي پيو پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل نوجوان زير تربيت پوليس اھلڪار ٻڌايو پيو وڃي، واردات ۾ ملوث جوابدارن پنهنجو پسٽل گھر ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. اتحاد ٽائون 11 G بس جي آخري اسٽاپ ڀرسان الله اڪبر ڪالوني ۾ خالي پلاٽ مان 35 سالن جي لياقت پٽ ولايت خان جو لاش مليو،  ڪلفٽن بلاڪ ون شيرين جناح ڪالوني ۾ پشاوري آئيس ڪريم جي ڀرسان 35 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو.لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ايڌي ايمبولينس جي ذريعي ايڌي ھوم سھراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو، اورنگي ٽائون ملت ڪالوني، برگيڊ جي علائقي اي بي سينا لائن، بلال ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ مختلف واقعن ۽ جهيڙن ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن موڪليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.