بنا نمبر پليٽ موٽرسائيڪلن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ٽريفڪ پوليس

ڪراچي ( رپورٽر ) ٽريفڪ پوليس ڪراچي موٽرسائيڪل هلائيندڙ شهرين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته 22 جنوري کانپوءِ شهر ۾ موٽرسائيڪلن جي اڳيان ۽ پويان نمبر پليٽ نه لڳل ته چالان نه ٿيندو پر موٽر سائيڪلون ضبط  ڪيون وينديون، ٽريفڪ پوليس ڪراچي موجب ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ موٽرسائيڪل سوارن لاءِ هڪ ٻي مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت جنهن موٽرسائيڪل جي اڳيان ۽ پويان نمبر پليٽ نه لڳل آهي ان کي ايندڙ 8 ڏينهن تائين 520 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، چالان ڪيو ويندو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 8 ڏينهن کانپوءِ يعني 22 جنوري کان نمبر پليٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ٽريفڪ پوليس موٽرسائيڪل ضبط ڪندي ۽ نمبر پليٽ لاڪر لڳائڻ تائين موٽرسائيڪل واپس نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.