پ پ پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ ايم آر ڊي جهڙي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) پيپلز پارٽي چونڊون ملتوي ٿيڻ جي صورت ۾ ايم آر ڊي وانگر تحريڪ هلائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊون ملتوي  ڪيون ويون ته ايم آر ڊي وانگر تحريڪ هلائينداسين ان ڪري چونڊون ملتوي ڪري اهڙو موقعو نه ڏنو وڃي جو عوام کي ووٽ جو حق گهرڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻو پئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميروخان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ مختلف ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مير نادر مگسي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. هن چيو ته چونڊون 8 فيبروريءَ تي ئي ٿين ۽ چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿين ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي هيجان واري صورتحال ڪڍڻ لاءِ ملڪ ۾ استحڪام ضروري آهي جيڪو چونڊن سان ايندو. هن چيو ته چونڊون ڪرائي ملڪ عوام جي نمائندن حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪجهه سياسي جماعتون چونڊون نه ٿيون چاهن ان لاءِ انهن کي مشورو آهي ته هو عوام تي اعتماد ڪن ۽ چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف سميت ڪجهه جماعتن کي عوام ۾ پذيرائي نه ملي رهي آهي ته ان جي سزا عوام کي ووٽ جي فيصلي کان پري رکي نه ڏني وڃي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ عام ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف ملڪ ۾ ڊگهو عرصو چونڊون نه ڪرائي اقتدار تي قابض رهي عوام کي حق حڪمرانيءَ کان پري رکيو پر پيپلز پارٽيءَ جدوجهد ڪري جمهوريت ۽ آئين کي بحال ڪرايو. هن چيو ته هاڻي به عوام کي اهڙو موقعو نه ڏنو وڃي جو عوام ووٽ جو حق گهرڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿئي. هن چيو ته حالتون ڪجهه به هجن 8 فيبروريءَ تي چونڊون ٿيڻ گهرجن پوءِ عوام جنهن جماعت کي اڪثريت سان مينڊيٽ ڏئي ان جماعت کي حڪومت ٺاهڻ جو حق حاصل هجي پر وفاقي حڪومت مخلوط هوندي يا نه؟ ان بابت چونڊ نتيجن کان اڳ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ چونڊن جي نتيجن کان پوءِ ئي خبر پوندي ته ڪهڙي جماعت ڪيتري اڪثريت حاصل ڪري ٿي؟ هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ ماضيءَ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت باوجود چونڊ مهم هلائي هئي ۽ هاڻي به صرف پيپلز پارٽي ئي چونڊ ميدان ۾ آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف ماضيءَ ۾ آمر پرويز مشرف ۽ عمران خان سان معاهدو ڪري ملڪ مان فرار ٿي ويو هو ۽ هاڻي 2024ع جي چونڊن کان پوءِ نواز شريف اِهو چوندو ته مون کي ڇو گهرايو ويو. هن چيو ته عوام کي تڪليفن ۾ ڇڏي ملڪ مان فرار ٿي ويل سياستدان عوام جا همدردر نه ٿا ٿي سگهن ۽ عمران خان پڻ ملڪ کي عدم استحڪام ڏنو ان لاءِ عوام نواز شريف ۽ عمران خان کي آزمائي چڪو آهي هاڻي بلاول ڀٽو زرداريءَ جا هٿ مضبوط ڪري ته هو وزيراعظم بڻجي نوجوانن، بزرگن، غريبن، مزدورن جو ساٿي بڻجي ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي مخالف اتحاد سنڌ جي ورهاست ۽ سنڌ کي وسيلن کان محروم ڪرڻ جي ايجنڊا تي گڏ آهن ۽ هو 18 هين ترميم، صوبائي خودمختياري کسڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام کي اتحادي سمجهي هنن سازشي ڪردارن جو مقابلو ڪري سندن سازشن کي ناڪام بڻائيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي طاقت بڻجن ته پيپلز پارٽي چوٿون ڀيرو به سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪري حڪومت ٺاهيندي ۽ سنڌ جي سڀني ڳوٺن کي سولر سسٽم تي آڻي ڳوٺن ۾ رهندڙ هر گهر کي سولر انرجي جي ذريعي بجلي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 15 جنوريءَ تي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ميروخان جو دورو ڪندو جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ شهرين سان ملاقاتون ڪندو، سندس آمد جي موقعي تي ڀرپور استقبال ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.