عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻيو ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع

 اسلام آباد (م ڊ) 8 فيبروري تي شيڊول چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ سينيٽر بلال الرحمان طرفان جمع ڪرايو ويو جيڪو فاٽا مان آزاد سينيٽر آهي. سينيٽر بلال الرحمان ٺهراءُ ۾ چيو آهي ته سخت سيءُ ۽ برفباري خيبرپختونخواهه جي شهرين  کي سازگار ماحول ۾ ووٽ وجهڻ کان روڪي رهيو آهي. اميدوارن کي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ تمام گهڻن چيلنجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سينيٽ سيڪريٽ ۾ جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب اميدوارن تي دهشتگرد حملن جو امڪان آهي. صوبي جا ووٽرز ۽ اميدوار احساس محرومي جو شڪار آهن. سينيٽر بلال الرحمان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ تي مختلف مونجهارا پيش اچي رهيا آهن ان ڪري عام چونڊن کي 8 فيبروري جي بجاءِ ڪنهن ٻئي نئين تاريخ تائين ملتوي ڪيو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ به چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو هڪ ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو هو جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد طرفان چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جو ٺهراءُ به سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.