تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان ڦرجڻ جي فيصلي تي خوش نه آهيان:ناصر شاهه

  سکر (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي(پي پي پي) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو ڪيترائي ڀيرا چيو آهي  ته سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ذاتي طور تي تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان ڦرجڻ جي فيصلي تي خوش نه آهيان. دل سان چاهيو ٿي ته پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان ملڻ گهرجي. ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي گڏيل طور تي هڪ نشان ضرور ملڻ گهرجي ها. ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي گڏيل طور تي هڪ نشان ضرور ملڻ گهرجي ها. پيپلز پارٽي کان تلوار جو نشان ڦرجي ويو ته اسان کي تير جو نشان وٺڻو پيو. هن چيو ته آئيني ۽ قانوني طور تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو صحيح آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان کي سلام پيش ڪريان ٿو. ڪنهن به هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سموري ملڪ تي لاڳو نٿو ڪري سگهجي. پيپلز پارٽي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عدالت ۾ پي ٽي آءِ وٽ دليل ۽ ثبوت نه هئا. پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون بهتر طريقي سان ڪرائي سگهي ٿي پر ائين نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.