نواز شريف ۽ عمران خان جنهن کي چوندا عوام ووٽ ڏيندو: مفتاح اسماعيل

لاهور (م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عمران خان کان بيٽ جو چونڊ نشان کسڻ مناسب نه آهي. اهڙو اظهار اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل لاهور جي الحمرا هال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ عمران خان جنهن کي چوندا عوام ان کي ووٽ ڏيندو. اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان تي اسٽيبلشمينٽ جو هٿ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.